اسلام آباد-08 آگسٽ (اي ??ي پي) مسجد نبوي جو ام??م الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حسين، سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ سيڪريٽ??ي مذهبي معاملا ذوالفقار حيدر سندس هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو ام??م فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز جي ام??مت ڪندو. پاڪستان ۾ ترسڻ دوران ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شه??از شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عالمن سان ملاقات به شيڊول جو حصو آهي.