اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) وا??ار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت مقامي وا??ارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪ??ئونسل جي نمائندن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ??يو. وفاقي وزير چيو ته اڄ جي گڏجاڻي جو بنيادي مقصد ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آهي ۽ ان کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صنعت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي. ان موقعي تي پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪ??ئونسل جي چيئرمين چوڌري ذوالفقار حيات وفاقي وزير جي ويزن کي ساراهيو. چيئرمين چيو ته پهريون ??ير?? هڪ وزير حقيقي طور تي انهن ڪائونسلن کي بااختيار بنائڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪائونسلن لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان وا??ار واري وزارت طرف مڪمل تعاون حاصل هجي ۽ مستقبل جي قدمن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ هڪ بلٽ ان مڪينزم سان گڏ ڪم ڪيو وڃي. وفاقي وزير ڪ??ئونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي 15 ٻين سيڪٽرل ڪائونسلن سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪن، انهن سفارشن کي وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ ۾ غور ۽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.