اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جاري آهن، حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پيٽر??لي?? شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ڪمپني گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ ۽ ٽوٽل انرجيز جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ مهمت جيليپوعلو سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ??زير احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ??عليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جاري آهن، اسان جي معاوشي ۽ ڪاروباري پاليسين جي مثبت ثمرن جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ پاڪستان جي پيٽر??لي?? سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گ??ري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گنور گروپ پاڪستان ۾ ٽوٽل پارڪو جي 50 سيڪڙو شيئرز جو معاهدو ڪري چڪي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل ??ملدارن کي گنور گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.