راولپنڊي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر ۽ ڏکڻ وزيرس??ان ۾ آپريشن دوران 12 دهشتگرد ماريا ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپن جا 2 واقعا ٿيا، 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي جيڪي پاڪس??ان ۾ داخل ٿي?? جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرس??ان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو ۽ کين موثر انداز ۾ گهيري ست?? ئي دهشتگردن کي ماري ڇ??يو. ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرس??ان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو جتي خوارجي دهشتگردن جي گروپ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز مقابلو ڪندي 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇ??يو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪس??ان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.