اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفا?? جاري پڌرائي مطابق وزيرا??ظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قوم?? جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستا?? جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيرا??ظم گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريندو. وزيرا??ظم عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌار?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. وزيرا??ظم گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سان درپيش خطرن تي اعليٰ سطحي گڏجاڻيون“ ۽ ”امن لاءِ قيادت“ تي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي کلي بحث شامل آهي. وزيرا??ظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ عالمي سطح تي گهربل قدمن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ عالمي اڳواڻ?? جي هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪندو. وزيرا??ظم جي پروگرام ۾ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آهن. گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي اهم مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيرا??ظم پاڪستا?? جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 26-2025ع لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏيل قوم?? جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرار?? جي روڪٿام، امن ۽ عالمي خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قوم?? جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو اظهار به ڪندو.