نئين دهلي – 10 ??ڪٽ??بر (اي پي پي ) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ??ي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 16 کان 20 سيپٽمبر تائين ايم چنا سوامي اسٽيڊيم، بينگلور ۾ کيڏي ويندي .نيوزيلينڊ ??ي ٽيم پنهنجي ڀارت جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ??ي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 16 ??ڪٽ??بر تي پهرين ميچ سان ٿيندي . اها ميچ ايم چنا سوامي اسٽيڊيم، بينگلور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽيسٽ ميچ 24 ??ڪٽ??بر کان 28 ??ڪٽ??بر تائين مهاراشٽر ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن اسٽيڊيم، پوني ۾ کيڏي ويندي . جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ پهرين نومبر کان 5 نومبر تائين وانکنڊي اسٽيڊي، ممبئي ۾ کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين ڪين وليم سن ڀارت جي دوري کان اڳ انجري جو شڪار ٿي ويو هو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ (اين زيڊ سي ) مطابق 34 سالن جو ڪين وليمسن گروئن انجري جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن سبب ڪين وليمسن جي ڀارت روانگي ۾ دير آهي ۽ سندس جڳهه تي مارڪ چيپسمين کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.