نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي ول?? عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي ??اڀ??ئتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان جي گڏيل لاڳاپن جو مجموعو ڪاٿو خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس ??ي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ول?? عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي ڪارائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي مجموعي ڪاٿي خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ڪويتي ول?? عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.