اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي روانگي واپار کي موجوده 30 ارب ڊالرن کان وڌائي 100 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جو هدف حاصل ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ملڪ جي معاشي خودمختاري ممڪن ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن روانگي واپار کي 100 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جي حوالي سان انوويشن ليب ۾ رٿيل ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بنائڻ لاءِ روانگي واپار ۾ اضافي جي سخت ضرورت آهي. ان ويهڪ ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان خاص طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته نجي ۽ سرڪاري شعبي سان تعلق رکندڙ ماهرن، ايڪسپورٽرز ۽ پاليسي ماهرن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احسن اقبال چ??و ته روانگي واپار ۾ گهٽتائي جو مطلب واپاري خساري ۾ واڌ آهي ۽ اهو خسارو ملڪي معيشت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اسان کي واپاري خساري کان بچڻ لاءِ فوري قدم ??ڻڻا پوندا ته جيئن پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهجي. هن روانگي واپار جي حوالي سان ڳالهائيندي چ??و ته ملڪي ترقي ۽ قومي سيڪيورٽي جو دارومدار روانگي واپار ۾ واڌ تي آهي، موجوده ح??وم?? نجي شعبي کي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن ملڪي شيون عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چ??و ته نجي شعبي کي به پنهنجي شين جي ويليو ايڊيشن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ ان جي قدر ۽ قيمت ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چ??و ته عالمي سطح تي پاڪستاني شين کي هڪ مضبوط برانڊ طور متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا اسان جي محنت ۽ مهارت کي سُڃاڻي. وفاقي وزير ماضيءَ جي ح??وم??ن تي تنقيد ڪندي چ??و ته پي ٽي آءِ ح??وم?? صرف گروٿ ڏيکارڻ لاءِ آمدني واپار جي اجازت ڏني، جنهن جو نتيجو 50 ارب ڊالرن جي واپاري خساري جي صورت ۾ ڀوڳڻو پيو، آمدني واپار ۾ وڏي واڌ جو ڪيتو اسان اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي 30 ارب ڊالرن جي روانگي واپار کي 100 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ لاءِ سنجيده قدم ??ڻون. هن وڌيڪ چ??و ته جيڪڏهن ايندڙ 8 سالن ۾ اهو هدف حاصل ڪري وياسين ته اسان قرضن جي ڄار مان نڪري وينداسين، نه ته اسان کي هميشه لاءِ قرضن جي بار هيٺ رهڻو پوندو. ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بحث ۾ شرڪت ڪندي چ??و ته مهانگائي ۾ گهٽتائيءَ لاءِ صوبائي ح??وم??ن سان گڏجي قدم ??نيا پيا وڃن. هن ننڍي ڪاروبار جي ترقيءَ کي پنهنجي ح??وم?? جي ترجيحن ۾ شامل ڪندي چ??و ته ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي اسان جي ترجيح آهي. هن روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان ڳالهائيندي چ??و ته آءِ ايم ايف ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ روانگي واپار ۾ اضافو اڻٽر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀر??و ته آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي ۽ ان سان روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي. هن چ??و ته اسان جي ح??وم?? انرجي ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جڏهن ته بجلي جي چوري ۽ نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ به قدم ??نيا پيا وڃن. هن چ??و ته مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 30.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته زراعت جي شعبي جي روانگي واپار ۾ 54.8 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 7.95 ارب ڊالرن تائين پهتو آهي. هن چ??و ته مالي خسارو ۽ پرڏيهي قرض ملڪ جي معاشي خودمختاريءَ کي محدود ڪندا آهن ۽ اندروني سياسي عدم استحڪام معاشي پاليسين جي تسلسل کي متاثر ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀر??و ته عالمي تحفظ پسندي جي رجحانن سبب پاڪستان جي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ مشڪل ٿي رهي آهي پر ح??وم?? ان چئلينج کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم ??ڻي رهي آهي. منصوبا بندي واري وزارت ۾ ٿيل ان بحث دوران احسن اقبال ۽ ڄام ڪمال خان ان ڳالهه تي زور ڀر??و ته روانگي واپار ۾ اضافي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي ناممڪن آهي، ح??وم?? نجي شعبي سان گڏجي ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ جا??ع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي.