راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولوو چينڪو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ??ي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سيڪ??ور??ي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف عالمي ۽ علائقائي م??املن ۾ بيلاروس جي خدمتن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عسڪري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ج?? خواهش جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مُک ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن پيشيوراڻي مهارتن ۽ قربانين کي ساراهيو.