اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) ??ڄي ملڪ ۾ هندو برادري پ??هن??و مذهبي ڏڻ ”ڏياري“ پهرين نومبر تي ملهائيندي. سنڌ ۾ ٿرپارڪر سميت صوبي جي سڀني شهرن ۾ ڏياري جو ڏڻ ملهايو ويندو ۽ ڏيئا ٻاريا ويندا، پنجاب جي ايويڪيو بورڊ جي ترجمان موجب مرڪزي تقريب ڪرشنا مندر راوي روڊ لاهور ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ هندو برادري سميت مختلف مذهبي، سياسي ۽ اقليتي اڳواڻ شرڪت ڪندا. ان سلسلي ۾ ڪرشنا مندر کي خوبصورت ۽ دلڪلش روشنين سان سينگاريو ويو آهي. مزارن جي ڊپٽي سيڪريٽري امجد الطاف اعواڻ ??و چوڻ آهي ته ڏياري جي مک تقريب لاءِ بهترين انتظام ۽ س??ڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.