اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ شهادت ما??ين??ڙ پاڪ ??وج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز وطن جي دفاع جي خاطر هر دم چوڪس آهن. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??صف علي زرداري ميجر عاطف خليل، نائيڪ آزاد الله ۽ لانس نائيڪ غضنفر عباس کي قوم پاران سلام ??يش ڪيو. هن چيو ته پاڪ ??وج جي جوانن خوارج جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. صدر چيو ته سڄي قوم فتنه الخوارج جي خلاف پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر ??صف علي زرداري بنون ۾ شهادت ما??ين??ڙ جوانن جي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.