اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي)رٿابندي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مو??مي??تي تبديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڻي انساني زندگي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، مو??مي??تي تبديلي ۽ وڌندڙ شهري آباديءَ پاڻي جي ??سئ??ن جي وسيلن تي دٻاءُ وڌو آهي ۽ پاڪستان ۾ پاڻي جي دستيابي ڳڻتي جوڳي حد تا??ين گهٽ ٿي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه مو??مي??تي تبديلي ۽ پاڻيءَ جي اهميت جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي آبپاشي نظام کي دنيا جي وڏي نظامن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻن وڏن اسٽوريج ڊيمز جي تعمير جاري آهي ته جيئن پاڻي جي ذخيرن کي بهتر ڪري سگهجي. هن چيو ته زراعت ملڪ جي 40 سيڪڙو آباديءَ کي روزگار فراهم ڪري ٿي ۽ پاڻي ۽ غذائي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ 2.2 بلين ماڻهن کي صاف پاڻي ناهي ملي رهيو ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي سطح 100 ڪيوبڪ ميٽر تا??ين پهچي وئي آهي جڏهن ته قبول جوڳي حد 2 هزار ڪيوبڪ ميٽر آهي. عالمي ڪاربن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر ملڪ مو??مي??تي تبديلي جي اثرن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪ نئين ٽيڪنو اڪانامي انقلاب طرف وڌڻو پوندو ۽ سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن پاڻي ۽ غذائي تحفظ جي ??سئ??ن کي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيرن لاءِ ٻه ميگا اسٽوريج ڊيمز جي تعمير شروع ٿي وئي آهي، پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ ۽ مو??مي??تي اثرن جا غير معمولي چئلينجز سامهون آهن. 30 عالمي ۽ 50 آن لائن آبي ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن، ڪان??رن?? سان دنيا کي اجتماعي مستقبل جي جوڙجڪ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. پاڪستان ماحولياتي لحاظ کان دنيا جو ستون غير محفوظ ملڪ آهي، عالمي ڪاربن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو گهٽ آهي پر پاڪستاني عوام قيمت ادا ڪري رهيو آهي، 2022ع ۾ مو??مي??تي آفتن سبب م??اثر ٿيڻ جي قيمت غريبن ادا ڪئي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هاڻي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان جي ٻارن جو مستقبل اڄ جي قدمن تي ڀاڙي ٿو. 90 سيڪڙو پاڻي زراعت ۾ استعمال ٿئي ٿو، ناڪاره زراعت هڪ ??سئ??و آهي. قومي آبي پاليسي 2018ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن جٽادار حل فراهم ڪيا، پي ايس ڊي پي جو 2.2 سيڪڙو آبي وسيلن لاءِ وقف آهي. هن چيو ته قومي اقتصادي تبديليءَ جي منصوبن ۾ پاڻي ۽ سلامتي تي ڌيان ڏنو ويو آهي. پاڪستان پاڻ ڀرو ٿيڻ وارن قدمن طرف وڌي رهيو آهي، 2017ع ۾ منظور ٿيل قومي ٻوڏ منصوبي تي 4 ارب ڊالر لاڳت آئي، سوڪهڙي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو اثر خوراڪ جي قيمتن تي پوي ٿو، عالمي بُک انڊيڪس ۾ پاڪستان 127 ملڪن مان 109هين نمبر تي آهي. نيشنل زيرو هنگر پروگرام سان ايندڙ ٻن سالن ۾ بُک ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف آهي. اسان هڪ نئين ٽيڪنو اڪانامي انقلاب طرف وڌي رهيا آهيون، پاڻي ۽ غذائي تحفظ لاءِ سياسي استحڪام ۽ پاليسي جو تسلسل ضروري آهي. 2018ع کانپوءِ ملڪي مفاد لاءِ استحڪام جي بحاليءَ جو عزم ڪيو، اسان کي پاڻي ۽ خوراڪ جي بحران کان محفوظ پاڪستان جو بنياد رکڻ گهرجي، مستقبل اسان جي جرائتمداڻن فيصلن تي ڀاڙي ٿو.