اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ خوارجين خلاف 2 مختلف آپريشنز تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي تي پاڪ فوج جي جرئت ک?? ساراهيو. هن چيو ته ??اڪستان ۾ دهشتگردن جي مداخلت ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ فوج جي قربانين ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي هن سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي جي تعريف پڻ ڪئي.