اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر شبي?? شريف شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر شبي?? شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، قوم ??نه??جي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??نه??جي پيغام ۾ چيو ته ميجر شبي?? شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميجر شبي?? شريف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان وڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چيو ته ميجر شبي?? شريف شهيد نه رڳو ??نه??جي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ تباهه ڪندڙ رائيفل سان ناڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪمانڊر سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل ??نه??جي عددي برتري جي باوجود دشمن ميجر شبي?? شريف شهيد جي موثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته ميجر شبي?? شريف شهيد نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر شبي?? شريف شهيد نشان حيدر پاران وطن سان محبت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ ??نه??جي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته ميجر شبي?? شريف شهيد نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن جي عددي برتري کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ميجر شبي?? شريف شهيد نشان حيدر ۽ سندس گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لاءِ ??نه??جي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميجر شبي?? شريف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.