اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ قائداعظم محمدعلي جناح جو 148هون جنم ڏڻ انتهائي جوش ۽ جذبي سان م??هايو ويو. ان م??قعي تي مين اسٽيم ميڊيا، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم حب الوطني جي گيتن سان گونجي اُٿيا ۽ قومي گيتن، دستاويزي فلمن ۽ خاص پروگرامن ذريعي پاڪستان جي باني کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام لاءِ قائداعظم جي غير متزلزل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. هي ڏينهن قائداعظم جي جدوجهد ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان م??قعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، نجي، فلاحي ۽ تعليمي ادارن ۾ خاص تقريبن جو ب??دوبست ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي باني کي س??دس خدمتن جي اعتراف ۾ ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.