اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عا??م کچي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا زندگي جي هر شعبي جي ترقي ج?? لازمي حصو بڻجي چڪا آهن، اي پي پي جي سوشل اينڊ ڊيجيٽل ميڊيا سيڪشن مختصر عرصي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن ا??اري کي جديد رخن تي قائم ڪري روينيو ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا ٽيم وٽ اهڙي مهارت آهي جيڪا پيشيواراڻي ذميواري ادا ڪرڻ کانسواءِ روزاني زندگي ۾ انهن جي تمام گهڻو ڪم ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون سال شروع ٿيڻ تي سوشل ميڊيا ٽيم سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيندي ڪيو. سيڪشن انچارج ??ارف حسين لاشاري ۽ نائب انچارج ??باس شگري ايم ڊي محمد عا??م کچي کي پنهنجي ٽيم پاران گلدستو پيش ڪيو ۽ چيو ته توهان جي رهنمائي ۽ سرپرستي کانسواءِ هڪ قدم به اڳتي وڌڻ مشڪل هو. توهان سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ٽيم کي نه رڳو ڀرپور اعتماد ڏنو پر انهن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪيون جنهن جي ڪري اسان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو مليو. توهان جا انتهائي ٿورائتا آهيون جو توهان هن سيڪشن جي لاءِ خصوصي وقت ڪڍيو.