اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف سان نامزد چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراع??م آرمي چيف جي عهدي تي مقرري تي جنرل سيد عاصم منير کي مبارڪباد ڏني. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جنرل عاصم منير سان ڳالهائيند?? چيو ته توهان جي پ??شيواراڻي لياقت، ساک ۽ حب الوطني فخر جوڳي آهي. هن نامزد آرمي چيف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪند?? چيو ته الله تعاليٰ توهان کي انهن ذميوارين ۾ رهنمائي ۽ مدد فرمائي. جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.