اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن حڪومت ماحولياتي تب??يل??ن جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين حڪومت آهي جنهن ماحولياتي تب??يل??ن جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، شهرن جي پکيڙڻ بدران اسان گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ڏانهن وينداسين، حڪومت ۾ اچڻ اڳ منهنجو ??هو عزم هو ته اقتدار ۾ اچي ماحولياتي تب??يل?? اولين ترجيح هوندي، ??هو ئي سبب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي جي آغاز دوران معلوم ٿيو ته ٽمبر مافيا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گارڊ ان مافيا جي هٿان ماريا ويا، گذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، ??هو ئي سبب آهي جو لاهور آلوده ترين شهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪنزرويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.