اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ان مقصد جي لاءِ ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل ذريعي انگ ا??ر جوڙڻ ترقياتي منصوبابندي جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، مهذب معاشري جي سڃاڻپ ڪجهه اميرن سان نه پر اڪثر??ت جي رهڻي ڪهڻي سا?? هوندي آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪنهن هڪ علائقي تي وڌيڪ فنڊ خرچ ڪرڻ سان ٻيا علائقا ترقي کان محروم رهجي وڃن ٿا، غربت جي خلاف جهاد ئي اصل جهاد آهي، ڪمزور طبقي جي خوشحالي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.