اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا گرمي جي ايندڙ موسم ۾ ڊينگي جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀارت کان درآمد ڪرڻ ??ي هڪ ڀيري جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته کنڊ جي م??املي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي ??اڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آف انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نادرا جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي ??اڳو ڪ??ڻ، وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ موجود ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين لاءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪ??ڻ، مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين زبير گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي ملازمن پاران پگهارن ۾ اضافي جي م??البي جو پڻ جائزو ورتو. ڪابينا کي ??ڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران روايت جي ابتڙ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پگهارن ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي لاءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ ??و هڪ طريقو قانون ۾ موجود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.