اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون پنهنجي عيد پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شهيدن، ڪورونا ??ي صورتحال ۾ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽرن، نرسز، ڪورون?? جي مريضن، ڀارتي ظلم برداشت ڪندڙ ڪشميرين، ڀارت ۾ اسلامو فوبيا کا?? متاثر مسلمانن، فلسطينين ۽ مسلمان پناهگيرن جي نالي وقف ڪريان ٿ??، سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته اهي سماجي فاصلي تي عمل ڪن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سمورن پاڪستانين بلڪه سمورن انسانن کي درخواست آهي ته اهي سماجي فاصلن تي عمل ڪن، ماسڪ پائين، پنهنجا هٿ ڌوئين ته جيئن اهي پاڻ ۽ پنهنجي پيارن ۽ دوستن کي ڪورونا کا?? محفوظ رکن.