اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿي??. هائوسنگ واري وزارت پاران وزيراعظم کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪم جاري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي منصوبن جي نتيجي ۾ تع??ير ٿيندڙ هائوسنگ يونٽس ۽ انهن منصوبن جي ماليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم جاري ڪيو ويو آهي ان جي نتيجي ۾ 38667 يونٽس تع??ير ٿيندا. انهن منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ارب روپي?? آهي، انهي طرح پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪم جو ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي نتيجي ۾ 5372 يونٽس تع??ير ٿيندا جنهن جو ڪاٿو 27.85 ارب روپي?? آهي، هن سال جاري منصوبن جي نتيجي ۾ 26625 يونٽس تع??ير ٿيندا جنهن جي ماليت 213.4 ارب روپي?? آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿي??دڙ منصوبن جي نتيجي ۾ 25017 يونٽس تع??ير ٿيندا جنهن جي ماليت جو ڪاٿو 112.03 ارب روپي?? آهي.