ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، مسئلن جي حل جي حوالي سان بهتر منصوبابندي لاءِ در??ت انگ اکر هجڻ ضروري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سرو?? ڪيو پيو وڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ ??رڪ?? ڪندڙن کي خطاب ڪند?? ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ لاءِ به قدم ک??يا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان مختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت منصوبابندي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي تعداد بابت در??ت انگ اکر موجود هج??، ان مقصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سرو?? ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذميداري آهي.