نوشهره – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوڊ سيڪ??ور??ي، وڌندڙ آبادي، روزگار جي فراهمي، موسيماتي تبديلي، آلودگي ۽ پرڏيهي ناڻي جي گهٽتائي کي ملڪ جي لاءِ وڏا چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪر رهيو آهي، زيت??ن جي پوکي مان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ روزگار جا موقعا ملندا، پ??ڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، سڄي ملڪ ۾ ميويدار وڻن جي پوکي لاءِ علائقا مختص ڪيا ويندا، وڌندڙ آبادي لاءِ فوڊ سيڪ??ور??ي حڪومت جي ذميداري آهي، نوجوانن ۽ شاگردن کي بلين ٽري سونامي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، پ??ڪستان ۾ جيڪڏهن اسان زيت??ن جي پوکي تي ڌيان ڏيون ته اسپين جي مقابلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ کاڄرو تيل برآمد ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيت??ن جي وڻڪاري مهم جي آغاز تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.