اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري و??اقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي و??ندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمشماري جو عمل شروع ٿي و??ندو، نئين آدمشماري جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻ??ندي آهي ۽ 2023ع اليڪشن نئين آدمشماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي و??ندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمشماري جي حو??لي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حو??لي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻ??ندي آهي ۽ تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي اليڪشن ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آدمشماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آدمشما??ي تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون جنهن جي ن??يجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي و??ندي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي و??ندي.