اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌ??يو ويو ته گومل زام ڊيم منصوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين ??وک?? جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌ??يو ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنهن سا?? 66 ??رب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.