اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته سچ ڪيترو ڪڙو هوندو آهي، شريفن جا ذاتي ملازم پنهنجون نوڪريون پڪيون ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ۾ تڙپندي نظر اچي رهيا آهن. مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان جي هڪ ٻي ڳالهه ان??ن جي ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، ٻڌائين ته ڪرمنل کي ڪرمنل نه چئون ته ڇا چئون، ڪو ٻيو لفظ آهي ته اسان سان شيئر ڪيو وڃي، هن چيو ته ??ورو شريف خاندان سياست ۾ لُوٽ مار ڪري لنڊن ۾ مفرور آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ تي قانون پاڻ رستو پاڻ ٺاهي رهيو آهي، ان??ن جي روئڻ ۽ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيڻ وارو. هن چيو ته ??ڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪندڙ شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي ۾ 16 ارب ۽ 7.5 ارب جي ٽي ٽيز جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، مملڪتي وزير چيو ته شريف ڊاڪٽرائڻ اهو آهي ته جڏهن عدالتون خلاف فيصلو ڏين ته ان تي حملا آور ٿي وڃو. هن چيو ته ??وري قوم ڄاڻي ٿي ته سپريم ڪورٽ تي حملو ڪندڙ ڪير هئا، شريفن ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڪرپشن کي لاڳو ڪري ورتو آهي، فرخ حبيب چيو ته 1985 کان ڪرپشن ڪندڙن جي خلاف پهريون ڀيرو احتساب ٿي رهيو آهي، انهي لاءِ ان??ن جون رات ننڍون ۽ ڏين??ن جو سک اڏامي ويو آهي، هن چيو ته ??طري خط يا جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪيلبري فونٽ هجي يا جعلي وڊيوز، نواز شريف ۽ ان??ن جي صاحبزادي سرٽيفائيڊ ڪوڙا ثابت ٿي چڪا آهن، فرخ حبيب چيو ته ??ڌايو وڃي ته ??سرور انور ڪير آهي جيڪو 2008ع کان 2017ع تائين شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليندو رهيو آهي، مقصور پٽيوالو به هڪ ڪردار آهي جن??ن جي اڪائونٽ ۾ وڏي ٽرانزيڪشن ٿيون آهن، فرخ حبيب چيو ته بيهودي زبان استعمال ڪندڙن جي پرورش ۾ شائد ڪا کوٽ رهجي وئي آهي، غير اخلاقي زبان استعمال ڪندڙن جي ڪا به حيثيت نه آهي، انهن کي حڪم مٿان کان ملندا آهن.