ڪراچي – 22 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علو?? چيو آهي ته ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽي وي اي ٽي) شعبي جي م??تل?? ڌرين سان ملاقات دوران ڪيو. ثمينه عارف علو?? چيو ته پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ تبديل ٿيندڙ رجحا??ن کي اسان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڌيان طلب ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارتن تي ڏيڻ گهرجي. هن تربيتي ادارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ رابطن جي اهميت تي زور ڏيند?? چيو ته ??نڊسٽري ۽ تربيتي ادارن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪندڙ هنر جي تربيت جي لاءِ مضبوط رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوا??ن کي پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار شروع ڪرائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خاتون اول کي تنظيم جي ڪم ۽ سڄي صوبي ۾ هنرمنداڻي تربيت ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. خاتون اول شرڪت ڪندڙن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام جوڙڻ ۽ انهن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ڌرين تي زور ڏنو ته ??هي پيشيواراڻي مهارتن جي اهميت جي حوالي سان عوام ۾ بيداري پيدا ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشن اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ، اٿارٽي جي ٻين عملدارن، نجي ۽ پيشيواراڻي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.