اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان حڪومت ٻارن سان لاڳاپيل پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اها ڳالهه هن يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير بطور ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يونيسيف ذميواريون سنڀالڻ تي ڪيٿرين رسل کي مبارڪباد ڏني ۽ ??يو ته اسان سڄي دنيا جي ٻارن جي لاءِ يونيسيف جي اهم ڪم جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. پاڪستان ٻارن جي حقن جي حوالي سان عالمي سطح تي هڪ اهم آواز طور سڃاتو وڃي ٿو. اسرندڙ ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان کي ٻا??ن بابت حقن جي تحفظ جي حوالي سان ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن پر ان جي باوجود پاڪستان ٻا??ن بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي ??يو ته پاڪستان ٻارن جي حقن جي تح??ظ لاءِ مختلف قانوني، پاليسي ۽ اداراجاتي قدم کنيا. ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ ??زا?? قومي ڪميشن قائم ڪيو ويو. حڪومت اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان ان ڏس ۾ يونيسيف جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻارن جي حفاظتي ٽيڪن جي سهولت جي فراهمي ۾ يونيسيف جي تعاون کي ساراهيو ۽ ??يو ته ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ يونيسيف جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. پاڪستان ڪورونا وبا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن ۾ صحت سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي رخن کي به نظر ۾ رکيو ويو. ??نگ??ن، تشدد، ڊگهن تڪرارن ۽ غيرملڪي قبضن کان متاثر علائقن ۾ ٻار وڌيڪ غيرمحفوظ آهن. جن جي لاءِ عالمي سطح تي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي ??يو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني صورتحال، ٻارن ۽ عورتن جي انساني حقن جي خلاف ورزين جو تسلسل ڳڻتي جوڳو آهي. افغانستان جي استحڪام لاءِ انساني ۽ معاشي بحران جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. اسان افغان عوام کي فوري انساني معاونت جي فراهمي جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيون ٿا. جڏهن ته انساني همدردي جون ڪوششون ان وقت تائين پائيدار ثابت نه ٿينديون جيستائين افغان بئنڪنگ چينلز کي بحال ڪرڻ ۽ افغان عوام جي ٻاهرئين ملڪ اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم نه ٿا کنيا وڃن.