اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون سدائين پنهنجي ??يم کي چيو ته ”گهٻرايو نه“، اڄ مخالف ڌر کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“، پاڪستاني نوجوانن هر شعبي ۾ پنهن??ي صلاحيتن کي مڃرايو آ??ي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جيڪو انقلاب آيو آهي ان مان فائدو کڻندي نوجوان ۽ ملڪ خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهن ٿا، حڪومت اي – واپار جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي، رجسٽرڊ فري لانسرز جي ??اءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو آ??ي، ايندڙ ڪجهه سالن دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اي – واپار پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان مو??عي تي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي خاص معاون عون عباس بپي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته منهنجي باري ۾ هتي ڳالهه ڪئي وئي ته مون سڀ کان وڌيڪ جملو ڪهڙو ڳالهايو آهي ته آئون پاڻ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه چئي اها اها آهي ته ”گهٻرايو نه“، اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته حالتون تمام خراب هيون ۽ ملڪ ڏيوالپڻو ٿي چڪو هو، مون کي ٽيم جو فڪر هو ته اها گهٻرائجي ??يندي، ان لاءِ مون انهن کي تلقين ڪئي ته ”گهٻرايو نه“، جڏهن سڀ کان مشڪل ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي خلاف اسان کيڏندا هئاسين تڏهن به آئون پنهنجي ??يم کي اهو ئي چوندو هئس ۽ اڄ آئون اپوزيشن کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“. وزيراعظم بهترين پريزنٽيشن تي عون عباس بپي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هن بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ ان ۾ جذبو ۽ جنون آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستاني نوجوانن جي ??اءِ وڏا موقعا آهن ۽ ان شعبي ۾ انهن پنهن??ي صلاحيتن کي مڃرايو آ??ي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جو انقلاب اچي ويو آ??ي، نوجوانن کي ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام ٿورا قدم کڻي روانگي واپار ۾ اسان 2 ارب کان پوڻا 4 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهيون، ايندڙ ڪجهه سالن تائين آءِ ٽي جو روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ??و. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي ۽ مراعتن ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪندي، اسان رجسٽرڊ فري لانسرز جي ??اءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو آ??ي، مون بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري دعوت ڏني، هو اهڙو انسان آهي جنهن وڌيڪ پئسو ڪمائڻ بدران پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ??دد ڪئي ۽ ان لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ به سندس خدمتن مان فائدو کنيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ خوشخبري ڏيندس. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو اهي پنهن??ي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪن ٿا پر سسٽم انهن کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏي، جيترو ٽيلينٽ پاڪستان ۾ آهي دنيا ۾ ڪٿي به نه آ??ي، سسٽم نه هجڻ جي باوجود نوجوان پنهن??ي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا، حڪومت ملڪ ۾ ٽن قسمن جي تعليمي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرائمري تائين هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته اسان جو تعليمي نظام عام ماڻهو کي مٿي اچڻ نه ٿو ڏي، امير ۽ غريب جي ??اءِ جدا جدا نظام جو خاتمو ٿي ويو آ??ي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آ??ي، نوجوانن کي مختلف قسم جا ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، نوجوان خاص طور تي عورتون آءِ ٽي جي ڪري گهر ويٺي ڪاروبار ڪري رهيون آهن، اسان جي ??ڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آ??ي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ انهن ??ي صلاحيتن مان فائدو کڻي نه رڳو انهن کي روزگار فراهم ڪري سگهجي ??و پر معيشت کي به ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ان کان اڳ وزيراعظم اي – واپار جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ انعام ورهايا ۽ اي – واپار پورٽل جو افتتاح ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڳ ۾ بئنڪون ڏينهن ۾ ٽرانزيڪشن ڪنديون هيون پر هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿي رهيو آ??ي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي سڄي دنيا جا پاڪستاني فائدو کڻي رهيا آهن، سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ملي رهيو آ??ي، حڪومت اي – ڪامرس جي ??اءِ تمام گهٽ عرصي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آ??ي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ گذريل سال 47 سيڪڙو اضافو ٿيو آ??ي، هن سال 75 سيڪڙو تائين اضافي جي اميد آ??ي، اسان ان شعبي ۾ هر سال 100 سيڪڙو اضافو چاهيون ٿا، ان سلسلي ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم جي خاص معاون عون عباس بپي تقريب کي خطاب کي خطاب ڪندي چيو ته انٽرنيٽ ذريعي شين جي خريد ۽ وڪرو اي ڪامرس آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آ??ي، 30 کرب ڊالر جي اي – ڪامرس ٿي رهي آ??ي، پاڪستان ۾ اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو اي – ڪامرس جي ??ريڊ کي رجسٽرڊ ڪيو، پاڪستان ۾ 10 لک ايڪٽو فري لانسرز اي – ڪامرس جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت ان شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آ??ي، وزيراعظم عمران خان جي ??يزن تحت اي – ڪامرس جي شعبي ۾ جدت اچي رهي آ??ي، ان جي ذريعي روانگي واپار کي آسان بڻايو ويو آ??ي، حڪومت سچي ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فور جي ??يٽ ورڪ وڌايو آ??ي، نئين تيز ترين فائبر آپٽيڪل وڇائي وئي آهي جنهن سان انٽرنيٽ يوزرز ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اي – ڪامرس جي شعبي سان 36 سيڪڙو عورتون واڳيل آهن جڏهن ته 30 سيڪڙو بطور ليبر ڪم ڪري رهي آ??ي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر تائين اضافي جي اميد آ??ي، اي – ڪامرس جي ??اءِ نوجوانن کي تربيت ڏني پئي وڃي، پاڪستان فري لانسرز جي انگ جي ??حاظ کان چوٿين وڏي مارڪيٽ آ??ي، 50 هزار ايس ايم ايز کي ڊيجيٽل شاپس جي تربيت ڏني ويندي.