اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۽ رت جي ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته مرض کان بچاءُ جي لاءِ احتياط ۽ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ پوليو جي خلاف ڪاميابي سان مهم هلائي وئي، غذائي کوٽ جو معاملو انتهائي اهم آهي جنه?? تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ راولپنڊي ميڊيڪل ي??ني??رسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد عمر، ڊاڪٽر جمال ناصر، زمرد خان، پاڪستان ٿيلسيميا ويلفيئر سوسائٽي جي عهديدارن، طبي ماهرن، غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم لازمي آهن ته جيئن مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ٿيلسيميا سميت ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر طريقي تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ٿيلسيميا جي مرض جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر ۽ ان جا منتطمين ان حوالي سان بهترين ۽ قدر جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ٿيلسيميا جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستاني انساني همدردي جي جذبي سان سرشار آهن ۽ ملڪ ۾ سرندي وارن جي ڪا کوٽ نه آهي، ڪورو??ا جي دوران سمارٽ لاڪ ڊائون سان ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ان جي ابتڙ پوري دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف هڙتالون ٿيون، موٽاپو ۽ ذيابيطس وڌي رهيا آهن جڏهن ته هيپاٽائيٽس به پکڙجي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خدا جي مخلوق جي مدد ڪندڙن کي الله ويجهو رکي ٿو. صدر چيو ته وقت سر ڪوششن ۽ علاج جي نتيجن سان ڪيترين ئي بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ پوليو جي خلاف ڪامياب مهم هلائي وئي، ڪورو??ا جو مقابلو ڪيو ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪورو??ا جي وبا د??ران دنيا جي پڙهيل لکيل قومن ۾ وڌيڪ مزاحمت هئي، ان دوران اسان جي قوم ذميواري جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ هڪ سنگين مسئلو آهي جنه?? تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسٽنٽنگ جا اثر سدائين رهن ٿا جڏهن ته غذائي کوٽ سان واڌويجهه تي منفي اثر پوي ٿو، حڪومت احساس پروگرام ۾ ان مسئلي تي پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. تقريب کي پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) صحيب احمد پڻ خطاب ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي اداري جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو.