اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سي??ريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي علائقائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سي??ريٽري ۽ قطر جي علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ??هڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ور??و. پرڏيهي سي??ريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ور??اءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي به سا??اه??و. پرڏيهي سي??ريٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته 40 س??لن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قطر جي معاون پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ??سمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي سا??اه??و. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سي??ريٽري سهيل محمود قطر جي معاون پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي تازي واقعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ ??ڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.