اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اسلامي يونيورسٽي معياري گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ ??اء?? پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر ب??ائي، يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري، ان سلسل?? ۾ ??ن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر پاران بريفنگ ڏني وئي، ريڪٽر اسلامي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي تعليمي پروگرامن ۽ نون منصوبن تي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي تعليمي معيار ۾ بهتري ??اء?? هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، نئين پلان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يونيورسٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، نئين پلان سان يونيورسٽي ڪيمپس ۾ معيار زندگي بهتر ب??ائڻ ۾ مدد ملندي، پلان سان گورننس ۾ بهتري ايندي، يونيورسٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، نئون پلان ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي ماحول کي بهتر ب??ائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي شاگردن کي ٽيڪنيڪي هنر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارتن سان به ليس ڪري يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ کان ماهرن کي شامل ڪري، صدر چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ ??اء?? انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، هنرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ ??اء?? 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صدر ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار کي ساراهيو.