اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپل??پا??ٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيلي??ون ڪئي ۽ پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي و??ير?? پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پ??ڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهيو آهي، هن چيو ته اسان ڪويت سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.