ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (ا?? پي پي) بلوچستان ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي شروعات صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ڪوئيٽا گريزن سميت سڄي صوبي ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي ترقي، سلامتي، يڪجهتي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جي لا??ِ خصوصي دعائون گهريون ويون، بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صوبائي ??سيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچستان جي وڏي وزير م??ر عبدالقدوس بزنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائي ??قريب جي شروعات ڪئي، ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير م??ر عبدالقدوس بزنجو چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيل هي ملڪ الله تعاليٰ جي نعمت آهي اسان کي گڏجي تعمير ۽ ترقي جي لا??ِ ذات پات، قوميت، سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون مان نڪري هڪ قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.