اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار ڏيندي چي?? آهي ته پروگرام جي بحالي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو، پروگرام جي بحالي جي لاءِ ناڻي واري وف??قي وزير مفتاح اسماع??ل ۽ سندس ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان پاڪستان جي معاشي طور تي ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ختم ٿي وي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان مشڪل معاشي امتحان مان سرخرو ٿي نڪت?? آهي، آءِ ايم ايف پروگرام هڪ مرحل?? آهي پر پاڪستان جي منزل معاسي خودانحصاري آهي. هن چيو ته پروگرام جي بحالي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو، پروگرام جي بحالي جي لاءِ ناڻي واري وف??قي وزير مفتاح اسماع??ل ۽ سندس ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي ۽ اڳتي پاڪستان کي ڪڏهن به ان جي ضرورت نه پوي. هن چيو ته الله تعاليٰ جي رحمت مان پراميد آهيان ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چونداسين.