اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ??اڪستان جي ترقي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لازمي آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نئين نسل جي تعمير ۽ تربيت ئي ملڪي ترقي جا ضامن آهن. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن ايوان صدر ۾ غيرسرڪاري تنظيم ليفٽ ويلفيئر فائونڊيسشن جي اهتمام هيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غيررسمي تعليم کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. ٻارن کي هتي کلندي ڏسي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. خاتون اول چيو ته ا??ان تعليم جي سڀ کان وڏي بحران مان گذري رهيا آهيون. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ضرورتن کي تسليم ڪندي انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ هتي موجود آهيون ۽ انهن ٻارن کي هتي ڏسي ان ڳالهه جو به اطمينان ٿيو ته ا??ان جا اهي ٻار ملڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻار ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. بيگم ثمينه عارف چيو ته ??ونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت 5 سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي عمر جي 22.8 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي. ا??ان کي پنهنجي محدود وسيلن ??ان انهن کي تعليم جي زيور ??ان آراسته ڪرڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته ??لڪ ۾ تعليم خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ ٻا??ڙي?? جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر ٻار ۽ ٻارڙي کي تعليم يافته ??جڻ گهرجي. هن چيو ته ڇوڪرين جي تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي پڙهائڻ جو نظريو تمام سٺو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ سٺو ڪم آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار انهن تي ئي آهي. اسڪولن کان ٻاهر ٻار معاشري ۾ اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تعليمي شعبي ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي خاتون اول چيو ته ??ن ٻا??ڙي?? جي تعليم جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي. گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس ج?? اظهار ڪيو ته ا??ان وٽ قدرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، ٻارن کي منشيات کان بچائڻ به لازمي آهي. هن ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن کي خاطري ڪرائي ته انهن اسڪولن ٻاهر ٻارن جي تعليم لاءِ معاونت ڪئي وڃي. تقريب کي ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن جي صدر عروج ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عاصمه ملڪ ۽ عظميٰ توفيق به خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي مختلف شخصيتون ۽ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.