اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ??هي ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چ??و ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم چ??و ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چ??و ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي.