اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪابل ۾ پاڪست??ني هيڊ آف مشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ??ه دهشتگردي هڪ گڏيل خطرو آهي، ان جو موثر طور تي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته هيڊ آف مشن محفوظ آهي، زخمي سيڪيورٽي گارڊ جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته سفارتي مشن تي حملو ڳڻتي ??وڳ?? آهي ۽ ان جي سخت مذمت ڪر??ان ٿو، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ صورتن جي مذمت ڪر?? ٿو ۽ ان جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ??ه دهشتگردي هڪ گڏيل خطرو آهي، موثر طور تي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.