اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ ع??ام سان ع??ام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿين??ا پيا وڃن، برطانيا پاڪستان جو سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنه?? ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزيراعظم هائوس ۾ الوداع?? ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ برطانيا جي تعاون ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم انگلش ڪرڪي?? ٽيم جي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان جي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم هاءِ ڪمشنر جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.