اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا کي انسانيت تي ٻڌل اخلاقيات ۽ هڪ نئين ورلڊ آرڊر جي ض??ور?? آهي جت?? هن زمين تي ??هندڙ هر ماڻهو جي قدر هجي، رنگ، نسل، زبان جي فرق کانسواءِ هر انسان کي برابر سمجهيو وڃي، ترقي يافته ملڪ ذاتي مفاد جي پاليسين تي ??مل پيرا آهن ۽ پنهنجي مخصوص ض??ور??ن، خواهشن ۽ ترجيحن کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ پنهنجون پاليسيون ۽ سوچ گهٽ ترقي يافته ملڪن تي لاڳو ڪن، ترقي يافته ملڪ پنهنجي طئي ٿيل مفاد تي ٻڌل عالمي نظام گهٽ ترقي يافته ملڪن تي ??هڙي طرح عمل ڪن جنهن ۾ ڪنهن مفاد کانسواءِ ۽ انهن جي طرز زندگي، ترجيحن ۽ سماجي ۽ ثقافتي قدرن کي نظر ۾ رکيو ويو هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ٻي عالمي ڪانفرنس بعنوان ”سيڪيورٽي ڊائيلاگ“ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪم ڪرڻ جي روايتي ??ريقن کانسواءِ تڪرارن وارن علائقن، انهن جي اثرن، پهچ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي طريقن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ غيرروايتي ??نداز اختيار ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. هن چيو ته قومن ۽ قومي رياستن جي روايتي ??صور کي چئلينج ڪيو پيو وڃي جنهن کي اولين ترجيحي بنيادن تي ??نڀالڻ جي ض??ور?? آهي پر اهو رڳو سلامتي، خوراڪ ۽ موسمياتي ??بديلي جي اهم شعبن ۾ عالمي تعاون سان ئي ٿي سگهي ٿو. موسمياتي ??بديلي انسانن ۽ زمين تي موجود ٻين جاندار ۽ غيرجاندار شين کي متاثر ڪيو آهي ڇو ته هڪ اندازي موجب 2050ع تائين 50 انواع جا ڪيڙا مڪوڙا معدوم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن جنهن جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ قدرتي ??فتن موسمي نظام کي متاثر ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي ??وازن جي بحالي، بک ۽ غذائي کوٽ کان بچڻ جي لاءِ زراعت ۾ به ويجهي ۽ بامعنيٰ عالمي تعاون جي ض??ور?? آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ تضاد موجود آهي ڇو ته ڪجهه ماڻهن وٽ خوراڪ ۽ وسيلن جي گه??ائ?? آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي زندگي جي بنيادي ض??ور??ن جي کوٽ درپيش آهي. هن دنيا ۾ تڪرارن کي روڪڻ جي لاءِ روايتي ۽ غيرروايتي ??عاون جي ض??ور?? تي ??ور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته سائبر ورلڊ ۽ صحت ج?? شعبي ۾ به تعاون جي ض??ور?? آهي. هن ان حقيقت تي ??فسوس جو اظهار ڪيو ته علائقائي تنظيمون علائقائي تعاون ۽ علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ قائم ڪيون ويون هيون پر جيڪڏهن سارڪ ۾ ڀارت ج??ڙن وڏن ملڪن تنظيم کي مناسب اهميت نه ڏني ته اها تنظيم پنهنجي سگهه ۽ افاديت وڃائي ڇڏيندي. هن چيو ته هندستان کي بنياد پرستي 7 اقليتن جي خلاف امتيازي سلوڪ جو ٻج نه پوکڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ج?? عدم تعاون جي ڪري ڪشمير مسئلو به پٺتي هليو ويو آهي. صدر چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، مشاورت ۽ آئين جي پاسداري سان جمهوريت کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ آبادي ۽ اڻبرابري ۾ اضافي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن جي بهترين طريقن کي اختيار ڪندي آبادي ۾ اضافي کي منظم طريقي سان روڪڻ جي ض??ور?? آهي جيڪي اقتصادي ترقي حاصل ڪري آبادي جي وڌندڙ شرح کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته ڪاربن جي اخراج کي روڪڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اٽڪل 148 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي برسات ۽ برفباري جي نظام جي ذريعي پاڪستان ۾ اچي ٿو جيڪو اسان جي ض??ور??ن جي لاءِ ڪافي آهي جنهن ۾ هر قسم جي فصلن جي پيداوار به شامل آهي شرط اهو آهي ته اسان قيمتي وسيلن کي محفوظ رکڻ، زيان کي گهٽ ڪرڻ ۽ زراعت ج?? موثر ذريعن کي استعمال ڪرڻ ۽ ٻئي استعمال جي قابل هجون. هن ڪوويڊ 19 وبائي مرض دوران عاليم تعاون کي ساراهيو. انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي صدر سفير نديم رياض پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز پنهنجي تحقيق کي ڏکڻ ايشيا، ڀارت، افغانستان، ايران، چين، علائقائي سلامتي ۽ سائبر سيڪيورٽي تي مرڪوز رکيو. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد پاليسي سازن کي خاص طور تي ??وايتي ۽ غيرروايتي ??دشن، موسمياتي ??بديلين ۽ جامع سيڪيورٽي جي مستقبل جي شعبن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.