اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي وڏي ڏک سان ڏکڻ ترڪي?? ۾ ??ديد زلزلي جي خبر ملي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم م??مد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري المناڪ جاني نقصان تي ڀائر ترڪ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجي ترڪ هم منصب چاوش اولو سان رابطو ڪري ان سان جاني نقصان تي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مدد جي آڇ کي ورجايو. بيان موجب وزيراعظم جي ??دايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن دستياب وسيلن کي متحرڪ ڪري رهي آهي جن ۾ سرديءَ جي ??وسم ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ زندگي بچائيندڙ ٻيون اهم شيون شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي ??اءِ تربيت يافته اربن سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي انهن جي اوزارن ۽ دوائن سان گڏ روانو ڪيو پيو وڃي. بيان موجب انقره ۾ پاڪستان جو مشن لاڳاپيل ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن زلزلي کان متاثر علائقن جي ??اءِ ڪنهن اضافي ضرورت جي ??شاندهي ڪري سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان شديد قدرتي آفت جي ڏس ۾ ترڪيه جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته پاڪستان فوري امدادي ڪوششن کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??رحلن ۾ ترڪيه سان گڏ ڪم جاري رکندو.