اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، سرديءَ کان بچاءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃن، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي و??ير سردار اياز صادق پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. هن پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سان تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي ڪري قيمت جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، هولناڪ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي پاڪستاني قوم ڏکويل آهي، اسان جون سموريون همدرديون ترڪ ڀائرن سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ترڪ ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون?? پاڪستان مان امدادي سامان ترڪيه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي، امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن، سرديءَ کان بچاءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃن. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائرن جي لاءِ فضائي، سامونڊي ۽ ٽرڪن ذريعي امداد ف??اهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ٽرينن جي ذريعي به امداد جي فراهمي تي غور ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي و??ارت ۽ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفير روزاني جي بنياد تي صورتحال کان آگاهه ڪري رهيا آهن جنهن جي ڏس ۾ امدادي سامان جي فراهمي جي حو??لي سان قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته زلزلي متاثرين جي بح??لي تائين ترڪ ڀائرن جي حمايت جاري رکنداسين، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ترڪ حڪومت 2005ع جي زلزلي، 2010ع جي ٻوڏ ۽ تازي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن ترڪيه جي سفير کي چيو ته هو ترڪ ڀائرن جي ضرورتن جي حو??لي سان آگاهه ڪري ته جيئن انهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ امداد جو بندوبست ڪري سگهجي، اسان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، ترڪ ڀائرن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي سان وڏي پئماني تي م??لي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي، زلزلي متاثرين جي بح??لي وڏو چئلينج آهي?? پاڪستان جو نجي ۽ سرڪاري شعبو مدد جي لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي چيو ته تازي زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون?? پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو آهي جنهن تي پاڪستان جي و??يراعظم ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي ڪري فوت ٿيندڙن جو انگ 35 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ اسان کي ان صورتحال ۾ وڏو چئلينج در??يش آهي. هن چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن?? پاڪ فوج، اين جي اوز ۽ پاڪستان جا سرندي و??را ماڻهو امدادي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي و??يراعظم شهباز شريف مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا.