اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪس??ان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل قابض فوج جي ظالماڻي ڪارروائ?? جي مذمت ??ند?? عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي فلسطين??ن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورز??ن جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪس??ان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپ?? جي شديد مذمت ڪري ٿ?? جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿ??ا آهن. اهڙي طرح جون ظالماڻيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام متاثر??ن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿ??ندڙن جي مڪمل ۽ جلد صحتياب?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو اهڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. پاڪس??ان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿ?? ته اها اسرائيل کي فلسطين??ن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورز??ن جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي طرح جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجايون ٿا ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.