اسلام ??با?? – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پاران سعودي عرب ۽ ا??لامي جمهوريه ايران جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ته اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کا?? ٻاهر امن ۽ ا??تحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ترجمان چيو ته اسان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار ک?? ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب ۽ ا??لامي جمهوريه ايران جي ??يادت ک?? ساراهيون ٿا. بيان موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ خال کي ڀرڻ جي ??اءِ مسلسل تعاون ۽ هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم آهنگي جي ??اءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.