اسلام آباد – 03 – اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن نورالحسن تنوير ۽ علي وزير جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ا?? موقعي تي ٻنهي ميمبرن لاڳاپيل تڪن ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني.