اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ صلاحيت وڌائڻ لاءِ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي مسلسل حمايت جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (آءِ آر سي) جي صدر ۽ سي اي او ڊيوڊ ملي بينڊ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان سان آءِ آر سي جي قابل قدر ۽ پراڻي حصيداري کي ساراهيندي وزيراعظم گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران آءِ آر سي جي وقت سر مدد کي ساراهيو. هن صدر آءِ آر سي کي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ صلاحيت کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ آءِ آر سي جي مسلسل حمايت جو منتظر آهي. هن ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن ۽ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ مرمت جي ل??ءِ آءِ آر سي جي اڻٿڪ مدد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ڊيوڊ ملي بينڊ گذريل سال جي تباهي آنيندڙ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ وقت سر قدم کڻڻ تي پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ لڳن کي ساراهيو. هن آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي انتظام ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي آءِ آر سي جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خا??، سيد طارق فاطمي، نيشنل ڊيزاس??ر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار موجود هئا.