اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ??تم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مج??وعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم منصوبابندي و??ري وفاقي و??ير احسن اقبال کي آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا جلد کان جلد ??تم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد آدمشمار?? تي ايم ڪيو ايم جي خدشن کي خاطرخواهه حد تائين ??تم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي و??ير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ان موقع?? تي منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي و??ير احسن اقبال پڻ موجود هو.