اسلام آباد – 01 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، حڪومت ??يندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما سان ملاقات دوران ڪيو. طارق بشير چيما وزيراعظم کي آبادگار پئڪيج تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ فصلن جي حوالي سان وزارت جي منصوبابندي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن وزارت جي ايندڙ مالي سال ۾ زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ميڪنائيزيشن جي حڪمت ??ملي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. ملاقات دوران وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي ??يو ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن ??يو ته حڪومت ڪمند، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي بهترين امد??دي قيمت ??ان آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو يقيني بڻايو، حڪومت ??يندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. هن ??يو ته حڪومت ??رع?? پيداوار جي ويليو ايڊيشن جي لاءِ آبادگارن سان گڏجي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندي.