اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستان ڪرڪيٽ بور?? جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بور?? جي قدمن کان آگاهه ??يو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ڪرڪيٽ بور?? جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بور?? جي قدمن کان آگاهه ??يو. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عالمي ٽورنامينٽس ۾ شموليت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي حوالي سان پن مشاورت ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.